??لگ?? – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪردو گرلز هاءِ اسڪول قائد آباد ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي جي فراهمي جي لاءِ ش??وع ڪيل منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو. ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ رقم جا چيڪس ورهايا. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خط??ب ڪندي چيو ته ??لگ?? بلتستان حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي درپيش سفري مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انقلابي منصوبو ش??وع ڪيو آهي. عملي زندگي ۾ ڪاميابي جي لاءِ صحيح فيصلاسازي لازمي آهي جيڪا تعليم کانسواءِ ممڪن نه آهي، دنيا جي جد??د تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ٻارن جي تعليم پوري خاندان جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۾ تعليم تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ وسيلا فراهم نه ڪرڻ جا تمام گهڻا نقصان ٿيا آهن، مون کي اميد آهي ته ??لگ?? بلتستان حڪومت ڪجهه سالن ۾ هر ٻار جي تعليم کي يقيني بڻائيندي. اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏ تربيت تي به ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن پوري دنيا ۾ ??لگ??بلتستان ۽ پاڪستان جو منفرد مقام برقرار رهي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوبائي حڪومت جي فيصلي موجب گرلز هاءِ اسڪول قائد آباد کي هايئر سيڪنڊري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ??لگ?? بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ان موقعي خط??ب ڪندي چيو ته حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ درپيش سفري مشڪلاتن جي حل لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي جو منصوبو ش??وع ڪيو آهي جنهن تحت 2 ڪلو ميٽر پري کان اسڪول ايندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين کي اهو وظيفو ڏنو ويندو.
صدر پاران اسڪردو گرلز هاءِ اسڪول قائد آباد ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي لاءِ شروع ڪيل منصوبي جو باقاعده افتتاح
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت