اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان مفاهمتي ياداشتن کي تيز رفت??ري سان معاشي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪميٽي ڊوميسٽڪ ڊسپيوٽ ريزوليوشن جي طري??يڪ??ر کي مضبوط بڻائڻ سميت سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف پاليسي سازي جي منظوري ڏني، ڪميٽي سيڙپڪارن کي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي اسمگلرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي ج??ري رکڻ جي پختي عزم جو پڻ اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اٺون اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ اعليٰ سطح جي سرڪ??ري عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزارتن اهم شعبن ۾ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ متوقع سيڙپڪ??ري جي وقت سر تڪميل جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ايس آئي ايف سي تحت مختلف شعبن ۾ حاصل ٿيندڙ مجموعي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي سيڙپڪ??ري جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان مفاهمت جي ياداشتن ۽ فريم ورڪ معاهدن تي صحيحن سميت دوست ملڪن سان معاشي رابطن ۾ اضافي کي ساراهيو. فورم انهن مفاهمتي ياداشتن کي تيز رفت??ري سان معاشي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي نجڪ??ري تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ مختلف اهم هدفن جي وقت سر تڪميل ۾ مختلف ڌرين جي گڏيل تعاون کي ساراهيو ۽ رفتار کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي سيڙپڪ??ري جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ڊوميسٽڪ ڊسپيوٽ ريزوليوشن جي طري??يڪ??ر کي مضبوط بڻائڻ سميت سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف پاليسي سازي جي منظوري ڏني. ڪميٽي سيڙپڪارن کي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق راءِ ڪيو. ڪميٽي معيشت جي اهم شعبن ۾ اڀرندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلن جي ترقي جي لاءِ ج??ري شموليتي موقف کي ساراهيو. ڪميٽي اسمگلرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي ج??ري رکڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. آرمي چيف ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم جي خاطري ڪرائي. آخر ۾ نگران وزيراعظم سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي ايس آئي ايف سي جي مختلف قدمن کي ڀرپور طريقي سان اڳتي وڌائين ته جيئن مقرر مدي جي اندر انهن جي تڪميل کي يقيني بڻائي سگهجي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena