ڪوئيٽا -23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود خان چيو آهي، ته موجوده حڪومت بلوچستان جي زخمن تي مرهم رکي مل?? جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان پ??ڪس??ان جو ترقي يافته صوبو هوندو. اتحاد ۽ اتفاق سان بلوچستان کي دنيا لاءِ رول ماڊل بڻائينداسين، پي پي اي ايف جا بلوچستان ۾ غربت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ ٺوس قدم تحسين جوڳا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن ٻهراڙي جي خوشحالي لاءِ جٽادار ترقي تحت ميچنگ گ??ان??س جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير راحيله حميد د??ان??، پ??ڪس??ان پاورٽي اويليوايشن فنڊ جو چيف ايگز??ڪي??ٽو، قومي ورثه ۽ ڪلچر ڊويزن جي ايڊوائيزر، ايم پي ايز ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار به موجود هُئا. راڻا مشهود خان چيو ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ جيڪا تعمير، اڳيان وڌڻ، پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جو جذبو ڏٺو، هي اهو ئي جذبو آهي جيڪو قومن کي اڳيان وڌائيندو آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان پ??ڪس??ان کي ليڊ ڪندو. هن چيو ته موجوده حڪومت بلوچستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته وق?? جي ضرورت آهي، ته اسان سڀئي گڏهي اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪيون، بلوچستان جي کجور، انگور سميت ٻي مصنوعا?? جي ايڪسپورٽ ۽ صوبي جي ماڻهن جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ هڪ عالمي ايڪسپو منعقد ڪندي ته جيئن بلوچستان جي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچائي سگهجي. بلوچستان معدنيا سان مالا مال آهي، نيوٽڪ سان گڏ معدنيا?? جي حوالي سان تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سولرائزيشن منصوبي تحت بلوچستان جي زميندارن کي پئڪيج ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم يوٿ قرض پروگرام تحت بلوچستان لاءِ خاص فيسليٽيشن سينٽر ٺاهينداسين ته جيئن بلوچستان جا نوجوان وڌ کان وڌ فائدو کڻي سگهن. سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف هڪ مهم هلائي پئي وڃي. اهو افسوسناڪ آهي، اسان جو دشمن اسان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، جهانزيب خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گراسپ منصوبي جو مقصد معاشري جي پيٺل طبقن کي معاشي سرگرمين ذريعي غرب?? جي لڪير کان مٿي آڻڻو آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، يورپي يونين ۽ پي پي اي ايف جي تعاون سان 42000 ايس ايم ايز سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. صوبي جي 169 آبادگارن کي ميچنگ گ??ان??س تحت 25 لک کان 3 ڪروڙ جي گ??ان??س ڏني وئي جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ 210 آبادگارن کي گ??ان??س ڏني ويندي. هن چيو ته گراسپ منصوبي تحت صوبائي حڪوم?? جي 700 آفيسرن ۽ ماتحت عملي ۽ 1500 آبادگارن کي ڪاروباري موقعن جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئي جڏهن ته 30 آبادگارن پنهنجي مصنوعات سان گڏ عالمي ايڪسپوز ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته بلوچستان جي کجور، انگور ۽ چوپائي مال جي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ 12 پاليسيون جمع ڪرايون آهن.
حڪومت بلوچستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي: راڻا مشهود احمد
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم