بيجنگ_ 27 سيپٽمبر(اي پي پي) چين باضابطا طور تي سعودي عرب کي اهم ترين سياحتي ملڪ جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي، ميڊيا ر??ور??ن ??وج?? سعودي عرب جي سياحت واري وزير احمد الخطيب ميڊيا کي ٻڌايو ته چين ۾ سعودي سفير، سعودي ٽورازم اٿارٽي جي سي اي او ۽ چين جي سياحت جي نائب وزير جي موجودگي ۾ ٻنهي ملڪن جي نمائندن هڪ معاهدي تي صحيح ڪيون، جنهن جي ??وج?? سالياني 30 لک چيني سياح سعودي عرب ايندا، هن ٻڌايو ته ان معاهدي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطي کي هٿي ملندي ۽ سياحت جي شعبي ۾ موقعا پ??دا ٿيندا ۽ سياحت ، ڪاروبار ،سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جا لڳاپا مستحڪم آهن. ان موقعي تي چين جي سياحت جي نائب وزير چيو ته اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري لڳاپن کي اڳيان وڌائڻ واري سلسلي جو هڪ اهم قدم آهي ۽ ان سان سعودي ۽ چين وچ ۾ مختلف سطحن تي لڳاپا وڌ??ڪ مضبوط ٿيندا.
سعودي عرب ۾ سالياني 30 لک چيني سياح ايندا، ٻنهي ملڪن معاهدي تي صحيحون ڪري ورتيون
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن