گڏيل قومون-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير تي ڀارت?? قبضي کي ڪالونائيزيشن جو بدترين مظهر قرار ڏيندي ڪشميري عوام جي امنگن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻ ل??ءِ زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبلي جي خاص سياسي ۽ ڊي ڪالونائيزيشن (فورٿ) ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چ??و ته گڏيل قومون ۽ ان جا سمورا ميمبر ملڪ گڏيل قومن جي چارٽر جا پابند آهن ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي پرامن حل کي هٿي ڏين. هن چ??و ته 1946ع کان هن وقت تائين 80 اڳوڻين ڪالونين آزادي حاصل ڪئي آهي، هن چ??و ته هاڻي به ڪجهه قومون آهن جيڪي خوداراد??ت واري حق کان محروم آهن، انهن ۾ والاريل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جو عوام شامل آهي. ان نقطئه نظر کان هن وچ اوڀر ۾ امن جي قيام ل??ءِ ٻه رياستي حل جي وڪالت ڪندي چ??و ته پاڪستان فلسطيني عوام خلاف نسل ڪشي جي جنگ ۽ لبنان خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو. پاڪستاني سفير چ??و ته اسرائيل جي قتل عام ۽ ڏاڍ سان فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خوداراد??ت واري حق جي جدوجهد کي ختم نٿو ڪري سگهجي. هن چ??و ته اهڙي ريت غيرقانوني طور تي ڀارت ج?? قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارت?? قبضو جديد دو?? جي ڪالونائيزيشن جو هڪ بدترين مظهر آهي. هن چ??و ته ڪشميري عوام جي خوداراد??ت واري حق کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ (1948) 47 ۽ ان کان پوءِ ڪيل ٺهرائن ۾ واضح طور تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته گڏيل قومن جي آزاداڻي ۽ منصفاڻي ر??ءِ شماري جي انتظام هيٺ ڄمون ڪشمير جي حتمي اختيار جو فيصلو ان جي عوام ذريعي ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته انهن ٺهرائن کي ڀارت ۽ پاڪستان ٻنه?? قبول ڪيو آهي. هن چ??و ته گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 25 تحت ٻئي ڌريون انهن ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرڻ جون پابند آهن. هن چ??و ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير کي ضم ڪرڻ ل??ءِ هڪ طرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا آهن ۽ انهن قدمن کي ڀارتي اڳواڻن حتمي حل قرار ڏنو آهي. سفير منير اڪرم چ??و ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ (1957) 122 ۾ چيو ويو آهي ته پوري رياست يا ان جي ڪنهن به حصي جي مستقبل جي شڪل ۽ وابستگي جو تعين ڪرڻ ل??ءِ هڪ طرفا قدم رياست جو اختيار نه هوندا. هن چ??و ته ان جي نتيجي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت رفان ڪيل سمورا هڪ طرفا قدم نه رڳو غيرقانوني آهن پر ڪالعدم به آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چ??و ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ل??ءِ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حل ضروري آهي.
ڪشمير تي ڀارتي قبضو ڪالونائيزيشن جو بدترين مظهر آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena