بيجنگ-30 آڪٽوبر (اي پي پي) چي?? 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن کي پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽن چي??ي خلابازن جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، کي گذريل ڏينهن صبح جو تيانگونگ خلائي اسٽيش?? لاءِ روانو ڪيو ويو. سرڪاري خابرو ايجنسي ۽ سرڪاري نشرياتي اداري مطابق شينزو-19 خلائي اسٽيش?? لاءِ روانو ڪيو ويو. هن چي?? ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انسان بردار خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي موجب شينزو 19 جي عملي ۾ 34 سالن جي وانگ هاز به شامل آهي جيڪا چي?? جي واحد عورت خلائي انجنيئر آهي هوءَ عملي جي مشن ۾ حصو وٺندڙ ٽين چي??ي عورت آهي. سي سي ٽي وي ٻڌايو ته خلائي عملي جي مشن ۾ چنڊ جي مٽي مان سرون تيار ڪرڻ جو تجربو به شامل هوندو، خلا ۾ مواد جي چر پر تي وڌيڪ لاڳت سبب چي??ي سائنسدانن کي اميد آهي ته هو چنڊ جي مٽي کي مستقبل ۾ بيس (اڏي) جي تعمير لاءِ استعمال ڪري سگهندا. تيانگونگ جنهن جو بنياد ماڊيول 2021ع ۾ شروع ڪ??و ويو هو، اٽڪل 10 سال تائين استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي. ياد رهي ته شينزو 19 چي?? جي انسان بردار خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ مشن آهي.
چين پاران انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa