انقره-06 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي حڪمران اي ڪي پارٽي (اي ڪي پي) جي اتحادي نيشنلسٽ موومينٽ پارٽي (ايم ايڇ پي) جي اڳواڻ دولت ڀوجيلي رجب طيب اردوان جي صدارت جي مدي ۾ واڌ لاءِ آ??يني ترميم پيش ڪري ڇڏي. ميڊ??ا موجب هن ايم ايڇ پي جي قانونسازن سان پار??يا??اني تقرير ۾ چيو ته صدر کي 2028ع جي چونڊن ۾ ٻيهر حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ آ??يني ترميم تي غور ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي ۽ مهانگائي جو خاتمو ٿي وڃي ۽ ترڪيه سياسي ۽ اقتصادي استحڪام حاصل ڪري وٺي ته ڇا صدر جي ٻيهر چونڊ فطري ۽ درست نه هوندي. جيڪڏهن 600 سيٽن واري پار??يا??ينٽ ۾ 360 قانونساز آئيني ترميم جي حمايت ڪن ته ان جي لاءِ ريفرنڊم ڪرائي سگهجي ٿو. وقت سان چونڊن لاءِ 360 پار??يا??ينٽ جي ميمبرن جي حمايت جي به ضرورت هوندي آهي. اي ڪي پي ۽ ان جي اتحادين جون 321 جڏهن ته ڊي اي ايم جون 57 سيٽون آهن. ياد رهي ته گذريل سال ٻيهر چونڊجڻ کا??پو??ِ صدر طور اردوان پنهنجو آخري مدو پورو ڪري رهيو آهي، جيستائين آئين موجب پار??يا??ينٽ وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو نه ڪري. هن پهرين وزيراعظم ۽ پوءِ صدر جي حيثيت سان ترڪيه تي 21 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪئي.
رجب طيب اردوان جي صدارتي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم پيش
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ