غزه-12 ڊسمبر (اي پي پي)غزه تي اسرائيل جي تازن حملن ۾ امدادي سامان کڻي ??يندڙ ٽرڪن جي حفاظت تي مقرر 12 فلسطيني گارڊ شهيد ٿي ويا. پرڏيه?? ميڊيا موجب غزه جي سول ڊفينس ا??جنسي چيو آهي ته ڪالهه صبح اسرائيلي فضائي حملن ۾ 12 فلسطيني گارڊن کي شهيد ڪيو ويو جيڪي علائقي جي ڏاکڻي علائقي ۾ امدادي سامان کڻي ??يندڙ ٽرڪن جي حفاظت ڪري رهيا هئا. ايجنسي جي ترجمان موجب رفح ۾ هڪ حملي ۾ 7 محافظ، جڏهن ته هڪ ٻي حملي ۾ خان يونس ۾ 5 محافظ شهيد ٿيا. هن چيو ته انهن حملن ۾ اٽڪل 30 ڄڻا زخمي ٿيا جن ۾ اڪثر ٻار شامل آهن. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ايجنسي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ا??و کڻي ??يندڙ ٽرڪ گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي گودامن طرف وڃي رهيا هئا، اسرائيلي فوج انهن حملن بابت پڇيل سوالن جا فوري طور ڪي به جواب نه ڏنا.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی