دبئي-24 ڊسمبر (اي پي پي )دبئي ۾ نئين سال ج?? جشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن .اي پي پي موجب نئين سال ج?? موقعي تي دبئي ۾ برج خليفه سميت 36 هنڌن تي آتش بازي جا مظا??را ٿيندا. 2024 جي آخري ڏينهن ۽ 2025 جي استقبال ج?? جشن لاءِ سيڪورٽي انتظام به مڪمل ڪيا ويا آهن. انتظاميه پاران جن هنڌن تي آتشبازي جا مظا??را ڪيا ويندا اتي ماڻهن جي آمد و رفت ۽ حفاظت لاءِ به انتظام ڪيا ويا آهن جن هنڌن تي آتشبازي جا مظا??را ڪيا ويندا انهن ۾ برج خليفه، دبئي فريم ، اڪسپو وليج،، جميرا بيچ ، بلو واٽر ، دابيچ جي بي آر ، دبئي پارڪس اينڊ ريزروٽ ۽ ٻيا هنڌ شامل آهن . آتشبازي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ خانگي سيڪورٽي سروسز جي ادارن جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن ته جيئن اتي آيلن کي ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون درپيش نه اچن ۽ جشن مان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿي سگهن. انتظاميا مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته هو جشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سيڪورٽي ??هل??ارن سان تعاون ڪن ته جئين مڪمل امن ??مان جي فضا ۾ خوبصورت جشن مان لطف اندوز ٿي سگهن.