اسلام آباد – 14 8211; جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف هتي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ عل??ئق??ئي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ آزاد ڪرايل علائقن جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ پاڪستان جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر