اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ معاشري جي ??ريب طبقن جي ??هولت لاءِ قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ احساس راشن رعايت پروگرام جهڙن تاريخي حڪومتي قدمن تي وزيراعظم کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي ??سيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ به وفاقي فنڊز مان صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جي ??وبائي حڪومت ان مقصد جي لاءِ وسيلا رکڻ جي لاءِ تيار نه آهي. وزيراعظم انه?? کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ جي ??وام جي مفاد لاءِ ان سلسلي ۾ سمورن ممڪن آپشنز تي غور ڪري حل ڪڍندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، محمد اڪرم چيما، علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو ۽ وزيراعظم جي ??اص معاون ملڪ عامر ڊوگر شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي ميمبرن محمد اڪرم چيما، آفتاب حسين صديقي، محمد عالمگير خان، سي?? الرحمان، آفتاب جهانگير، محمد اسلم، غزالا سيفي، نصرت وحيد، نزهت پٺاڻ، جئه پرڪاش، رميش ڪمار ۽ لال چند مالهي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ