اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف ڪرپشن بچائڻ وارو ٽولو ۽ ٻئي طرف وزيراعظم ??مران خان آهي، ??وم فيصلو ڪيو آهي ته ملڪي سالميت ۽ وزيراعظم ??مران خان سان گڏ ڄمي بيٺل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي جمهوري مستقبل ج?? فيصلو ڪندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهوڪي جلسي ۾ ??وم وزيراعظم ??مران خان تي اعتماد پلس ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ٻاهر??ون قوتون حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوششن ۾ ملوث آهن، عوام فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو ملڪي سالميت سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪامياب جلسي جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هڪ عرصي کانپوءِ ??وم کي وزيراعظم ??مران خان جهڙو اڳواڻ مليو آهي، پاڪستان ۾ هڪ اهڙو مفاد پرست ٽولو آهي جنهن جا مفاد ملڪ کان ٻاهر آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي جمهوري مستقبل ج?? فيصلو ڪندو، فرخ حبيب چيو ته هر اداري کي ملڪي سالميت عزيز آهي.
هڪ طرف ڪرپشن بچائڻ وارو ٽولو ۽ ٻئي طرف وزيراعظم آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ