اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اهو ڪردار مستقبل ۾ به جا??ي رهڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت علائقائي ڊائريڪٽر جان اي روم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به موجود هو. وفاقي وزير عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان جي مسلسل مدد جي وا??اڻ ڪئي ۽ چيو ته 1950 کان وٺي هن وقت تائين عالمي بئنڪ پاڪستان کي 31.1 ارب ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هي ڪردار مستقبل ۾ به جا??ي رهڻ گهرجي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير تازي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته هن وقت عالمي بئنڪ بنيادي ڍانچي، زراعت، ٻهراڙي ۽ شهري ترقي، انساني سرمائي، سماجي خدمتن ۽ پائيدار وا?? ۾ پاڪستان جي مدد ڪ??ي رهيو آهي. عالمي بئنڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر اقتصادي معاملن واري وزارت جي موثر ۽ فعال ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي مستقبل جي من??وب?? سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي من??وب?? جو جائزو ورتو ويو. هن انهن من??وب?? تي تيزي سان ??مل??رآمد لاءِ رابطاڪاري کي موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پنهنجي طريقيڪار کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اقتصادي معاملن واري وزارت صرف معاهدن تي صحيحون نه ڪري پر انهن معاهدن تي تيزي سان ??مل??رآمد کي به يقيني بڻائي. اقتصادي معاملن واري وزارت ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي رهي آهي ته من??وب?? جي موثر نگراني ٿئي ۽ فنڊن جو موثر ۽ بهتر استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته غير ملڪي مدد سان هلندڙ من??وب?? جي نگراني لاءِ رابطاڪاري جي ڏس ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو قيام عمل ۾ اندو ويو آهي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته دير جو شڪار من??وب?? تي تيزي سان اڳڀرائي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته ان مقصد لاءِ وزارت ۾ طريقيڪار جوڙي ورتو آهي. سيڪريٽري ٻڌايو ته من??وب?? تي تيزي سان ??مل??رآمد جي حوالي سان اقتصادي معاملن واري وزارت جي ٽيم عالمي بئنڪ جي ٽيم سان موثر رابطي ۾ آهي.
سردار اياز صادق سان عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت علائقائي ڊائريڪٽر جي ملاقات، تازي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری