اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب ڏکڻ وزيرستان انگور اڏا ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙ برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال ??رڪ??ءَ کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال قوم جو هيرو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاق?? وزير مريم اورنگزيب شهيد جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف پوري قوم هڪ آهي، پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهي. هر شڪل ۽ هر صورت ۾ موجود دهشتگردي پاڙ کان ختم ڪنداسين. هن چيو ته الله تعاليٰ شهيدن کي بلند مقام عطا فرمائي، گهرڀاتين کي صبر ڏي. اطلاعات وار?? وزير زخمي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز