اسلام آباد – 22 – ما??چ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي رمضان جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الحمدالله رمضان مهيني جي سعادتون ۽ برڪتون هڪ ڀي??و ٻيهر اسان کي مليون آهن، رمضان مهيني ۾ مسلمان امت ۽ پاڪستان جي بهتري لاءِ خصوصي دعائون ڪريو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رمضان المبارڪ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رمضان الله ڪريم جي رحمتن ۽ برڪتن جو خصوصي مهينو آهي. وزيراعظم ا??له تعاليٰ کان دعا ڪ??ي ته پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن، غربت ۽ مهانگائي ڇوٽڪارو عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي آڏو پاڪستان جي خوشحالي ۽ سربلندي، دهشتگردي کان ڇوٽڪاري جي خصوصي دعا ڪ??يو، اجتماعي مغفرت، انسانيت جي بهتري ۽ آفتن کان بچاءُ جي لاءِ خصوصي دعا جي اپيل ڪئي آهي، الله تعاليٰ هن مبارڪ مهيني کي اسان جي اجتماعي بخشش، انسانيت جي بهتري جو ذريعو بڻائي.
دعا آهي ته پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن، غربت ۽ مهانگائي ڇوٽڪارو عطا فرمائي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری