اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن ??اڪستان جي عوام جي روشن ??ستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ ان جي اصولن ج?? بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪندي ان ڳالهه تي زور ??نو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي جڏهن ته 1973ع جي آئين جي منطوري جي ياد ۾ هر سال 10 اپريل تي ”قومي آئين جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ??يو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاران آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ منعقد پروقرار ڪنوينشن ۾ پيش ڪيل قرارداد متفقه طور تي منظور ??ئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف پاران اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي جي قرارداد ڪنوينشن ۾ پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ??يو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائيندي هي ڪنوينشن ??رار ڏي ٿو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته حاڪميت اعليٰ رڳو الله تعاليٰ جي آهي ۽ ان جي ڏنل ان اختيار کي پاڪستان جي عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن جي ذريعي الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن جي اندر رهي استعمال ڪندي، اهو ته 10 اپريل 1973ع تي قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ آئين پاڪستان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جو ترجمان آهي، اهو ته 1973ع جو آئين قائداعظم محمد علي جناح ۽ حضرت علامه اقبال سميت پاڪستانين ج?? بانين جي ڏاهپ جو عڪس آهي ۽ جمهوريت، برابري، آزادي ۽ انصاف جا اصول رکندڙ آهي. قرارداد ۾ چيو ??يو آهي ته 1973ع جو آئين تنوع ۽ پاڪستان جي اتحاد جو منفرد مظهر آهي ته اهو صوبن جي وحدت ۽ وفاق جي سياسي اتحاد کي يقيني بنائيندي ان جي حقن ۽ خودمختياري کي تسليم ڪري ٿو، 1973ع جو آئين اصولن ج?? بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پارليامينٽ، عدليه ۽ انتظاميا جي رهنمائي ۽ جذبي جو ذريعو آهي. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ??يو آهي ته 1973ع جي آئين ۾ گذريل سالن دوران پاڪستان جي عوام جي تبديلي ٿيندڙ ضرورتن ۽ خواهشن کي سهيڙڻ جي لاءِ ترميم ٿيندي رهي آهي ۽ يقيني بڻايو ويندو رهيو ته آئين وقت جي موجب پنهنجي اهميت برقرار رکي. اسلامي جمهوريه پاڪستان جي گولڊن جوبلي ملهائيندي ان جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ??يو آهي ته هي ڪنوينشن ??اڪستان جي پارليامينٽ تي زور ??ي ٿو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين 1973ع جي خوشي ملهائيندي پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن 1973ع جي آئين جو بنياد رکيو ۽ انهن سمورين شخصيتن کي به خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن گذريل سالن دوران آئين جي بهتري ۽ ترقي ۾ ڪوششن جي صورت ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. 1973ع جي آئين کي پاڪستان جي جمهوريت جو بنياد تصور ??ريون ٿا جيڪو پاڪستان جي انتظام هيٺ سمورن خطن جي سمورن طبقن کي نمائندگي ۽ شرڪت فراهم ڪري ٿو، آئين ۾ ڏنل جمهوري اصولن، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف ج?? بالادستي جي وچن جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ??يو آيه ته 1973ع جي آئين تي عمدلرآمد، ان ج?? بالادستي، آئين ۾ ڏنل اصولن، قدرن ۽ مقصدن ج?? بالادستي ۽ پاسداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عدليه، انتظاميا ۽ پارليامينٽ جي ڪردار جي تحسين ڪري ٿو، قرارداد ۾ چيو ??يو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هي ڪنوينشن 1973ع جي آئين جي تياري ۽ منظوري جي تاريخ ۽ ورثي تي فخر جو اظهار ڪري ٿو جنهن ۾ وفاقيت (فيڊرل ازم)، اختيارن جي ٽن رياستي ادارن ۾ ورڇ، عدليه جي آزادي ۽ غيرجانبداري، صوبائي خودمختياري ۽ شهرين جا بنيادي حق لکيل آهن. ڪنوينشن ??رارداد ۾ فيڊرل ازم جي اصولن ک?? بالادست رکڻ جي اهميت تي زور ??نو آهي جيڪو دستور جي بنيادي جزن مان آهي، هي ڪنوينشن اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي روح موجب ان جو دفاع، سلامتي ۽ حفاظت جو وچن ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ??يو آهي ته اسلاميه جمهوريه پاڪستان جي آئين جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت ۽ ان يقين تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه بڻجي ان جي رهنمائي ڪندو رهندو ۽ انهن کي جذبو ڏياريندو رهندو. قرارداد ۾ چيو ??يو ته هي ڪنوينشن 10 اپريل 2023ع تي قومي دستور ??هاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪري ٿو جيڪو هر سال 1973ع جي آئين جي منظوري جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ ملهايو يوندو. هي ڏينهن پاڪستان جي عوام کي آئين ۽ ملڪ جي لاءِ ان جي اهميت کان آگاهه ڪندو. قرارداد ۾ چيو ??يو آهي ته هي ڪنوينشن ??تفقه طور تي اهي قرارداد منظور ??ندي اهو وچن ڪري ٿو ته پاڪستان جي عوام جي روشن ??ستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ج?? بالادستي ۽ ان جي اصولن جي پاسداري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.
1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن، پاڪستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ ان جي اصولن جي بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن
مضمون کا ماخذ : números quina hoje