اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري دانشور استاد، ڊراما نگار ۽ شاعر فيض احمد ف??ض جي ناٺيءَ شعيب هاشمي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شعيب هاشمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم پي ٽي وي جي شروعاتي دور جي ??رو??رامن جو خالق هو. شعيب هاشمي جا پي ٽي وي ??رو??رام اڪڙ بڪڙ، سچ گپ، ٽال مٽول تمام گهڻا مشهور ٿيا. مرحوم جي تدريس جي شعبي سميت شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي اهو صدم?? برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis