اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم ??نو??ر الحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته ملڪ جي مشڪل معاشي صورتحال باوجود بلوچستان ۾ آبپاشي جي منصوبن جي تعمير ۾ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ آبپاشي ۽ واٽر سپلائي جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي بلوچستان ۾ آبپاشي جي جاري منصوبن جن ۾ ڪ??ين ڍنڍن، پٽ فيڊر ڍنڍ، آوران ڊيم، گشڪور ڊيم، ونڊر ڊيم ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن انهن تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ??ه بلوچستان ۾ زراعت جا وڏا موقعا موجود آهن جن مان مڪمل طور تي فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ??ه بلوچستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. هن چيو ??ه آبپاشي معاملي تي بين الصوبا??ي ??دشن کي جلد ختم ڪيو ويندو ته جيئن ملڪي ترقي جو ڦيٿو تيزي سان هلي سگهي ۽ وفاق مضبوط ٿئي. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سميت ??لوچستان جي نگران وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
مشڪل معاشي صورتحال باوجود بلوچستان ۾ آبپاشي جي منصوبن جي تعمير ۾ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری