بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ خيرسگالي جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪز عنصر قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ سان نسل در نسل دوستي کي فروغ ملندو. نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي عالمي ڊپارٽمينٽ جي وز??ر ليو جيان چائو ملاقات ڪئي. نگران وز??راعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پرا??ن تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پاڪ چين لاڳاپن ۽ گڏيل هم آهنگي وڌائڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وز??راعظم چين جي ترقي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي اهم ڪردار کي به ساراهيو. نگران وز??راعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگالي جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪزي عنصر آهي. نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ليو جيان چائو عوام، قانونساز اسيمبلين، سياسي پارٽين، اسڪالرز، ميڊيا، نوجوانن، عورتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ رابطن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اهي رابطا پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نسل در نسل دوستي جي فروغ ??ي يقيني بڻائيندا. ليو جيان چائو چيو ته نگران وز??راعظم جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خصوصي دوستي جي روايتن جو عڪاس آهي. هن چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي مض??وطي ۾ ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ سان نسل در نسل دوستي کي فروغ ملندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا