اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي)تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد ??لي س??ڌي سان سعودي عرب جي امام محمد بن سعود اسلامي ي??نيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر احمد بن سالم العامري ملاقات ڪئي. وفاقي وزير امام محمد بن سعود اسلامي ي??نيورسٽي جي تعريف ڪندي چيو ته هي تاريخي ۽ پُروقار ادارو آهي. وفاقي تعليم چيو ته هن تعليم واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين تعليم جي معيار، اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ ۾ گهٽتائي ۽ سيرت النبيﷺ تي تحقيق کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته ڪي ايس اي کي قائداعظم يونيورسٽي ۾ 15 ريسرچ فيلوشپس جي آڇ به ڪئي. مدد ??لي س??ڌي وفد جو پرجوش استقبال ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر هٿل حمود علطيبي جو ڪم ۽ ڪوششون مثالي آهن. وفاقي وزير آءِ آءِ يو آءِ ۾ سسٽمز جي اپ گريڊ جي تعريف ڪئي. مدد ??لي س??ڌي چيو ته آءِ آءِ يو آءِ ۾ تعليم جو معيار ڊاڪٽر هٿل حمود علطيبي جي قيادت ۾ مسلسل وڌي رهيو آهي. هن سيرت النبيﷺ تي تحقيق جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ڪي ايس اي ۽ پاڪستان جي ي??نيورسٽين وچ ۾ شريعت، عدليه جي ڪردار، اسلامي قانون ۽ نبي ڪريمﷺ جي سياسي تعليم جي حوالي سان تحقيق جي دائري کي وڌائڻ ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ فوري ڪم ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته سيرت النبيﷺ جي سياسي رُخ کي مناسب اهميت نه ڏني وئي جيڪو هاڻ ڏني پئي وڃي. مدد ??لي س??ڌي ۽ رياض جي امام محمد بن سعود اسلامي ي??نيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر احمد بن سالم العامري سيرت النبيﷺ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جي سطح تي استادن جي مٽاسٽا شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. رياض جي امام محمد بن سعود اسلامي ي??نيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر احمد بن سالم العامري چيو ته اسان پاڪستاني شاگردن کي 700 وظيفن جي آڇ ڪئي آهي ۽ ان تعداد کي پاڪستان جي تعليم واري وزارت جي خواهش مطابق وڌائڻ جو ارادو رکون ٿا. وفاقي وزير مدرسن جي مذهبي اڳواڻن کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت تي به روشي وڌي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي مذهبي اڳواڻن کي روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي ۽ سعودي عرب پاڪستان ۾ مدرسن جي عالمن کي تربيت ڏ??ي مدد ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير پاڪستاني عوام لاءِ عربي زبان جا ڪورسز بنائڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. رياض جي امام محمد بن سعود اسلامي ي??نيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر احمد بن سالم العامري چيو ته ڪي ايس اي ۾ عربي زبان جا بهترين ادارا آهن جيڪي فاصلاتي تعليم يا استادن جي مٽاسٽا ذريعي پنهنجي پروگرامن کي پاڪستان جي ي??نيورسٽين جي سطح تائين وڌائي سگهن ٿا.
نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان سعودي عرب جي امام محمد بن سعود اسلامي يونيورسٽي جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ