اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي جنگين ۽ تڪرارن جي نتيجي ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل عام کي روڪڻ ۽ انسانيت کي دنيا جي طاقتورن جي تشدد کان بچائڻ جي لاءِ هڪ گڏيل موقف اختي??ر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري غزه ۾ رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پرڏيهي سفارتڪارن ۽ دانشورن سميت مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. ??در چيو ته عقل جي طاقت کي انهن پرتشدد طاقتن تي فوقيت حاصل هجڻ گهرجي جيڪي ??نسانيت ۽ انصاف جي روح کي ختم ڪن ٿيون. ??در چيو ته دنيا ۾ مفاد انسانيت تي غالب آهن، جتي ماڻهن کي غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻائڻ معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جنگ ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظه??ر ڪيو ته جنگ جي خاتمي جي خلاف ويٽو جو حق استعمال ڪرڻ لاڳاپيل ملڪن جي اخلاقي معيارن تي سواليه نشانو لڳائي ٿو. ??در چيو ته غزه ۾ اسرائيل پاران فلسطينين جي وڏي پئماني تي قتل عام تي عالمي برادري جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته اها رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اسرائيل حماس کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جواز ۾ فلسطينين کي وحشياڻي قتل عام جو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ وڏي پئماني تي فوتگين کي گڏيل نقصان قرار ڏئي رهيو آهي. ??در چيو ته ماضي ۾ يورپ ۾ جنگ سان ٿيندڙ فوتگين کانپوءِ دنيا امن معاهدي جي لاءِ ۽ بعد ۾ ليڪ آف دي نيشنز ۽ گڏيل قومن جهڙا ادارا معرض وجود ۾ آيا. انهن تڪرارن کي وڌائڻ ۽ جنگين کي روڪڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار جي لاءِ امن قدم کڻڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار تي زور ڏنو. ??در چيو ته تڪرارن سان گڏوگڏ دنيا کي ماحولياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت، منفي سماجي بيانيي، دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ غيرمطمئن انسانن سان لاڳاپيل ڪيترائي خطرا درپيش آهن. هن چيو ته انهن چئلينجن جي حقيقت پسنداڻي حل جي لاءِ عالمي تعاون جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ قابل عمل نظامن کي اختي??ر ڪرڻ ۽ اخلاقيات کي نقطه نظر ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي ??در ڊاڪٽر رضا محمد ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته دنيا قدرتي ۽ انساني آفتن جي ور چڙهيل آهي. وقت اچي ويو آهي ته انسانيت کي لاحق خطرن کان بچائڻ جي لاءِ گڏيل موقف اختي??ر ڪيو وڃي. هن تڪرارن جي حل، معيشت ۽ موسمياتي تبديلين تي عالمي ڌيان جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن اسرائيل جي وحشياڻي ڪاررواين جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختي??ر ڪئي.
عالمي برادري غزه ۾ رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔