ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئر??ين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ??لڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ ??ستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان سان خاص طور تي عوامي صح??، سماجي قدمن ۽ مالياتي شموليت جهڙن شعبن ۾ ان جي اهم تعاون سان گڏوگڏ ڪورونا وبا ۽ 2022ع جي ٻوڏ دوران تعاون کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس پاڪستان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ??لڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ ??ستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم غربت ۽ غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي گڏيل ڪوششن جو پڻ خاڪو پيش ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي بل گيٽس سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت