شينزن – 05 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ??يزن تحت سي پيڪ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پا??ستان جي ??عيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سي پيڪ جي اندر هڪ نئين جدت کڻي آيو آهي. هن چيو ته پا??ستان ۽ چين جي ??چ ۾ لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن جيڪو پا??ستاني معيشت جي ??اءِ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس ۾ 500 کان وڌيڪ پا??ستاني ۽ شينزن جي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي، بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پا??ستان جي ??عيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. هن ٻڌايو ته هتي موبائيل فون مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي اونر سان پڻ ملاقات ٿي آهي، سندس فيڪٽري پا??ستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اهي پا??ستان مان ايڪسپورٽ ڪندا جڏهن ته اليڪٽرانڪ وهيڪلز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ چيني قيادت سان پڻ ملاقات ڪ??دو، انشاءَ الله انهن قدمن سان پا??ستان ترقي ڪندو.
وزيراعظم جي ويزن تحت سي پيڪ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔