اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري تيراه وادي جي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي ??ذمت ڪندي چيو آهي، ته سموري قوم دهشتگردي جي ??عنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري واقعي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. صدر مملڪت مادر وطن لاءِ جان جي ??رباني پيش ڪرڻ تي شهيدن کي سلام ۽ حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي ال??اف خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت فتنو ڦهلائيندڙن خلاف ڪارروائيون ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي جهنم تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سموري قوم دهشتگردي جي ??عنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم ۽ سيڪيورٽي فور??ز سان گڏ آهي. صدر مملڪت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ??ربانين کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو ا??هار ڪيو. صدر مملڪت آصف علي زرداري شهيدن جي بلند درجن ۽ ڪٽنب ڀاتين لاءِ صبر جي دعا گهري.
صدر مملڪت آصف علي زرداري جي خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا