اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته بجلي جي چوري روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپنين ۾ نون بورڊ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين مقررين سا?? ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم، بجلي واري وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي، ٻين معاملن ??ي 4 صوبن جو دورو ڪرڻ، صوبائي حڪومتن سا?? رابطا ڪري بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چي?? ته صوبائي حڪومتون بجلي جي چوري جي حوالي سا?? پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورتن موجب پوري ڪيو وڃي، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين کي سختي سا?? منهن ڏنو وڃي ۽ انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سا?? عدالتي نظام کي موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ، بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلن ??ي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سا?? جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي ۽ پاور ڊويزن واري وزارت جي معاملن ??و جائزو ورتو ويو. وزيراعظم کي پ??ور ڊويزن جي مختلف معاملن ??ي بريفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلن ??ي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سا?? ايس او پيز ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي کي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي همت افزائي جي حوالي سا?? پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس م شرڪت ڪندڙن سا?? ڳالهائيندي چي?? ته بجلي جي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز م گهٽتائي، بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چي?? ته ويجهڙ ۾ بجلي جي رسد جي 5 ڪمپنين ۾ نون بورڊ چيئرمينن ۽ ميمبرن جي مقرري هڪ شفاف عمل ذريعي ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته انهن نين مقررين سا?? ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم پاور ڊويزن واري وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽريءَ کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن ??ي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ، صوبائي حڪومتن سا?? رابطا ڪرڻ ۽ بجلي جي چوري خلاف هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چي?? ته صوبائي حڪومتن کي بجلي جي چوري جي حوالي سا?? پوليس فورس ۽ مختيارڪارن جو انگ ڊسڪوز جي ضرورت موجب پورو ڪيو وڃي. هن چي?? ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۾ موجود ڪرپٽ ڌرين سا?? سختي سا?? منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم ڊسڪوز جي عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سا?? ٻڌڻين جي نظام کي موثر ۽ لاڀائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سا?? جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه، بجلي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري ۽ لاڳاپيل ا??لي?? آفيسرن شرڪت ڪئي.
بجلي جي چوري روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي رسد جي نظام کي بهتر بڻائڻ، شعبي جا سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ