ڪوئيٽا – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بل??چس??ان جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. وفاقي گهرو وزير ۽ بل??چس??ان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ هنن امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪوئيٽا اچڻ تي صوبائي وزيرن اسفند يار ڪاڪڙ ۽ علي مدد جتڪ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. آءِ جي پوليس بل??چس??ان، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدار پڻ ايئرپورٽ تي موجود هئا. وزيراعليٰ هائوس اچڻ تي وڏي وزير سرفراز بگٽي وفاقي گهرو وزير جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ بل??چس??ان ۾ امن امان ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بل??چس??ان جي وڏي وزير دهشتگردي جي تازن واقعن جي پرزور مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بل??چس??ان جي وڏي وزير شهيدن جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته هي جنگ هر پاڪستاني جي جنگ آهي. وفاقي گهرو وزير يقين ڏياريو ته بل??چس??ان ۾ امن جي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. بل??چس??ان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته امن امان يقيني بڻائڻ جي لاء?? وڌيڪ ق??م کڻي رهيا آهيون، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا عنصر تخريبي ڪاررواين ۾ ملوث آهن. بعد ۾ بل??چس??ان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ خصوصي اجلاس ٿيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ بل??چس??ان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي اڄ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ اسان بل??چس??ان حڪومت ۽ عوام جي سپورٽ جي لاءِ آيا آهيون. وفاقي حڪومت بل??چس??ان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اجلاس ۾ بل??چس??ان جي چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، آءِ جي فرنٽيئر ڪور نارٿ، آءِ جي فرنٽيئر ڪور سائوٿ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي جي ليويز ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڪوئيٽا جو دورو
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena