اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي ??ال 2025ع دوران ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 2.8 سيڪڙو جي اؤسر جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مالي ??ال 2024ع دوران پاڪستان جي معيشت ۾ بحالي ??ئي آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ زرعي آمدني ۾ واڌ ۽ پرڏيهه مان آيل نا??ي ۾ بهتري اچڻ آهي، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ڪالهه ايشيئن ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ جي نالي ??ان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ مطابق مالي ??ال 2024ع جيڪو 30 جون 2024ع تي ختم ٿيو، ان ۾ پاڪستان جي مجموعي ملڪي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي ??ال 2025ع ۾ پاڪستان جي، جي ڊي پي وڌيڪ 2.8 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاشي چئلينجن وچ ۾ پاڪستان لاءِ معاشي سڌارن جي پروگرام تي عمل پيرا رهڻ، ڪُلي معيشت جي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقيءَ جي مسلسل بحاليءَ لاءِ انتهائي اهم هوندو. پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻُڌايو ته پاڪستان جي معاشي ترقيءَ جا امڪان ان ڳالهه تي ڀاڙين ٿا ته ملڪ ۾ اقتصادي سڌارن کي ڪنهن حد تائين مستقل مزاجي سان لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته جيئن معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ مالي ۽ پرڏيهي ذخيرن ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي ماليات کي مستحڪم ڪرڻ، سماجي خرچن جي تحفظ ۾ اضافي، رياستي ملڪيتي ادارن جي مالي ??طرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي ??ال 25ع ۾ معاشي ايڊجسٽمينٽ پروگرام جو لاڳو ڪرڻ معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ بهتري جو سبب بڻجندو ڇاڪاڻ ته ان سان معيشت کي وڌيڪ مستحڪم مائڪرو اڪنامڪ ماحول فراهم ٿي سگهندو، جڏهن ته نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ بهتر معاشي حالتن جي ضرورت پوندي، جن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي نا??ي تائين آسان پهچ شامل آهي، جنهن سان مينيوفيڪچرنگ ۽ خدمتن جي شعبي کي به فائدو پهچندو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي ??ال 24ع ۾ مهانگائيءَ جي سراسري شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ جاري مالي ??ال دوران پڻ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائيءَ جو امڪان آهي. مالي ??ال 24ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي پر بعد ۾ خاص طور تي چوٿين ٽه ماهي ۾ گهٽتائي آئي. اها گهٽتائي کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ٿي، جنهن جو بنيادي سبب زرعي پيداوار ۾ اضافو هو. مالي ??ال 25ع ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ هئڻ جو امڪان آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ منا??ب مالياتي پاليسي، مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام ۽ عالمي غذائي قيمتن جي مستحڪم اڳڪٿي ٻُڌائي پئي وڃي.
پاڪستان ۾2025ع دوران مجموعي پيداوار 2.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil