اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان جي لڳاتار معاونت ک?? ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن جي اڳواڻيءَ ۾ عالمي بئنڪ جي ٽيم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. ناڻي واري وزير پاڪستا?? ۾ ??عاشي سڌارن ۽ ترقياتي ايجنڊا جي حمايت لاءِ عالمي بئنڪ جي سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن مختلف شعبن ۾ عالمي بئنڪ جي مالي ۽ فني معاونت ک?? ساراهيندي حڪومت طرفان مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهي?? ۾ ??يڪس اوڳاڙي?? ۾ ??اڌ، ٽيڪس جي تعميل ۾ بهتري ۽ منصفاڻي ٽيڪس نظام جي حوال?? سان مضبوط، فعال ۽ شفاف ٽيڪس پاليسي فريم ورڪ جي قي??م جي ڌيان ڏنو ويو. عالمي بئنڪ جي ٽيم بجيٽ سازيءَ جي عمل کي بهتر بنائڻ لاءِ فني معاونت جي آڇ ڪئي جنهن ۾ جديد طريقا اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ويو ته جيئن عوامي مالياتي انتظام ۾ شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏئي سگهجي. ڳالهي?? ۾ ??رضن جي اثرائتي انتظا??۽ بندوبست جي انتظامي نظام جي قي??م تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن مالي پائيداريءَ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ زرعي آمدني جي ٽيڪس نظام، جي ايس ٽي جي حوال?? سان صوبن سان هم آهنگي ۽ قومي ٽيڪس ڪائونسل جي فعال ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر حڪومت طرفان مختلف شعبن ۾ سڌارن جي حوال?? سان قدمن جي تعريف ڪئي ۽ اجلاس ۾ بحث هيٺ اهم شعبن ۾ عالمي بئنڪ جي لڳاتار حمايت جي خاطري ڪرائي. هن اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ترقياتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ عالمي بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جي حمايت تي ٿورو ادا ڪيو، جٽادار اقتصادي ترقيءَ لاءِ سڌارن تي عملدرآمد جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
حڪومت مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال لاءِ پُرعزم آهي: محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔