رياض- 21 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب غ??ه پٽي ۽ ڀرپاسي ۾ فوري طور تي جنگبندي جي مطالبي واري ٺهراءَ جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو ??ظه??ر ڪيو آهي. ايس پي اي مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو وي آهي ته عوامي جمهوريه الجزائر طرفان سلامتي ڪائونسل ۾ غ??ه پٽي تي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو هو. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته سلامتي ڪائونسل ۾ پهرين کان وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي ته جئين عالمي سطح تي حقيقي معنيٰ ۾ امن ۽ سلامتي جي قيام جو رستو سڌو ٿي سگهي جنهن لاءِ ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. مملڪت غ??ه پٽي ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾ بگڙجندڙ صورتحال ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجندڙ عسڪري ڪارروائين ۾ اضافي کان به خبردار ڪيو جنهن جي ڪري فلسطين مسئلي جي پر امن حل جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن.
غزه ۾ جنگ بندي جي قرار داد کي ويٽو ڪرڻ تي سعودي عرب پاران ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری