بيجنگ -16 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي، ته سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي. چين جي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي سعودي عرب جي هم منصب فيصل بن فرحان السعود سان اڱاري ڏينهن ٽيليفو?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته چين شام ۾ ايران جي سفارتخاني تي حملي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، جيڪا عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙ?? آهي. هن چيو ته چين سفارتي ذريعن سان مسئلن جي حل لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿو. وانگيي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هن وقت اولين ترجيح گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائ?? تي سختي سان عمل ??رڻ، فوري طور تي غير مشروط ۽ جٽادار جنگبندي، شهرين کي اثرائتي طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ ??هي. فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن جي تدارڪ ۾ ناڪامي ئي فلسطين اسرائيل مسئلي جي شروعات ۽ وچ اوڀر جي مسئلي جو بنيادي سبب آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته ٻه رياستي حل تي جلد عمل ??يو وڃي. هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن کي بحال ڪيو وڃي. فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پرامن بقا کي يقيني بڻايو وڃي.
سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ