اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ت?? تجديد قرض ايڪٽ تحت قرضن جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي ت??هن هوندي به 1999ع کان 2013ع تائين حاصل ڪيل 12 هزار ارب جي قرضن جو حساب مسلم ليگ (ن) نه ٿي ڏئي سگهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران لازمي خرچن تي ب??ث سهيڙيندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته سينيٽ سفارشن مان جيڪي قابل عمل هيون انهن کي تسليم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ماضي ۾ اهي فوري طور تي رد ڪيون وينديون هيون. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صو??ن کي خساري جي بجيٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي، ٽن صو??ن جي خساري جي بجيٽ آهي، ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 60 سيڪڙو گروٿ ٿي آهي، مالياتي خساري ت?? ٻڌل بجيٽ جي منظوري جو مطلب اهو هوندو آهي ت?? پارليامينٽ قرض وٺڻ جي اجازت ڏئي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی