اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن، ف??ٽا ۾ سڌارا علائقي جي عوام جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ اهو نيشنل ايڪشن پلان جو لازمي جز آهي، ف??ٽا جي مستقبل جو فيصلو اتان جي علائقي جي عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه وزيراع??م هائوس ۾ ف??ٽا سڌارا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته ف??ٽا ۾ سڌارن جو مق??د ملڪ جي ڊگهي عرصي کان نظرانداز ٿيل علائقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ آهي. هن چيو ته ف??ٽا جي مستقبل جو فيصلو اتان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن موجب ڪيو ويندو. ف??ٽا جي عوام امن ۽ جنگ جي زماني ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏيندي اسان جي قومي ڪاز جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو