بيجنگ – 30 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي قائم گڏيل رابطا ڪميٽي چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ريل جي ماس ٽرانزٽ منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي پي پي ??ان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي احسن اقبال چيو ته اهي ريل منصوبا لاهور، ڪر??چي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، اهي منصوبا لاهور ۾ تعمير هيٺ اورنج لائين ٽرين منصوبي وانگر هوندا، اهي چار ئي منصوبا سي پيڪ فريم ورڪ جو حصو بڻايا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ لاڳاپا ملڪ ۾ 9 صنعتي ز??نز قائم ڪرڻ جو معاهدو ٿيڻ کانپوءِ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. اهي اقتصادي ز??نز وف??قي حڪومت پاران اسلام آباد، ڪر??چي کانسواءِ چئني صوبن، فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف شهرن ۾ قائم ڪيا ويندا.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار