اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد عل?? ظفر چيو آهي ته قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي، اهي ڪارروايون چو??ڊن تي اثرانداز نه ٿينديون، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ادارن جي ڪارروائي سان اختلاف آهي ته اهو اعليٰ عدليه سان رجوع ڪري سگهي ٿو. هو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستابي ادب جا 70 سال جي موضوع تي قومي ادبي سيمينار کي خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳ??له??ئي رهيو هو. وفاقي وزير سيد عل?? ظفر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پوري قوم کي يقين ڏياريون ٿا ته 25 جولاءِ 2018ع تي ئي عام چو??ڊون ٿينديون، نگران حڪومت جي اها ذميواري آهي ته ايندڙ عام چو??ڊن کي صاف، شفاف، پرامن ۽ غيرجانبداراڻو بڻايون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به جاچ ادارو قانون ۽ آئين موجب ڪارروايون ڪري رهيو آهي ته اهو ان جو حق آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ايجنسي کان ڪا ش??ايت آهي ته اهو هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي فورم سان رجوع ڪري سگهي ٿو.
قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز