اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته آئون مد??ني جي رياست جي ماڊل تي ان لاءِ زور ڏيان ٿو ته اسان جي نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ کان آگاهي ملي ۽ اهي ڏسي سگهن، حضور صه نوجوانن کي سکڻ جو حڪم ڏنو هو، اسان جي تعليمي ادارن ۾ اسلام جي تاريخ بابت نه ٿو ٻڌايو وڃي ان لاءِ نوجوان نسل کي پنهنجي عظيم رول ماڊلز بابت ڄاڻ نه آهي، جيڪڏهن اسان کي عظيم بڻجڻو آهي ته نبي صه جي زندگي کي رول ماڊل بڻائڻو پوندو. وزيراعظم عمرا?? خان ”مد??ني جي رياست ۽ اسلام جو تصور، نبوي صه جي تعليم جي روشني ۾“ جي موضوع تي انٽرنيشنل رحمت اللعالمين ڪانفرن?? کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي گهڻي زندگي ٻاهرئين ملڪ گذري آهي ۽ آئون پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ عوام کي ڄاڻان ٿو جڏهن مون زندگي جو سفر شروع ڪيو ته مون کي سمجهه نه هئي، آئون رڳو والد صاحب جي چوڻ تي جمعي ۽ عيد جي نماز پڙهندو هئس، ان کانسواءِ منهنجو ڪو ايمان نه هو.
مديني جي رياست جي ماڊل تي ان لاءِ زور ڏيان ٿو ته نوجوان نسل کي تاريخ کان آگاهي ملي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ