اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير شڪر الله عاطف مشال ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، خطي ۾ امن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي ت??جم??ن موجب اسپيڪر افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، ثقافت ۽ پاڙيسري جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، سرحد جي ٻنهي طرف عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام ??و رشتو ڏٺو ويندو آهي، اسپي??ر چيو ته پاڪستان هڪ پر??من، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ جو خواهشمند آهي، پر??من مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي ۾ عالمي پارٽنرز سان گڏجي افغانستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪ افغان واپار سبب ٻنهي ملڪن کي فائدا حاصل ٿيندا.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل