اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شا??ه محمود قريشي ۽ خاص م??او?? ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ جي فورم کي پنهنجي ڪارن ڪر??وت?? کي لڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، عدالتون ۽ قانوني ادارا سوال ڪن ته ان جو جواب ڏيڻو پوندو، اين آر او رليف جو نالو، بچاءُ جو پروگرام ۽ ڇوٽڪاري جو هڪ رستو آهي جنهن جي آڙ ۾ ٻن وڏين پارٽين اڳتي وڌڻ پئي چاهيو، اسان سياسي انتقام جا قائل نه آهيون پر احتساب جي عمل تان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ پٺتي نه ٿي هٽي سگهي، خواجه آصف سياسي انتقام جي پٺيان نه لڪي، پنهنجي مني ٽريل ٻڌائي ته جيئن سندس جان آجي ٿي سگهي، جيڪڏهن استعيفيٰ ڏيڻ چاهين ٿا ته پوءِ ضمني چونڊن ۾ حصو ۽ ضمني چونڊن جون تياريون ڇو ٿي رهيون آهن، فالودي، پاپڙ، کنڊ وار?? کانپوءِ چانور جي ڪارپوريٽ آفيس ۽ بزنس کانسواءِ هڪ سال ۾ 10 ڪروڙ رپيا ٻاهر وي?? ۽ اڪائونٽ ۾ اچي وي??. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
مخالف ڌر پارليامينٽ کي ڪارا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: شبلي فراز/شاهه محمود/بابر اعواڻ
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔