ڪوئيٽا – 15 – نومبر (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان وڏي اهميت رکندڙ صوبو آهي، صوبي ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ به سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڪوروان وائرس جي وبا جو قوم گڏجي مقابلو ڪيو ڇو ته ڪورونا وائرس وڏي آزمائش هئي جنهن ۾ خدا اسان کي ڪاميابي ڏني، وزيراعظم عمران خان جو واحد ليڊر آهي جنهن عام ماڻهو جي تڪليفن جو احساس ڪندي پاڪستان ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه هنيو، وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو ادراڪ آهي جنهن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ قبائلي اڳواڻن، واپاري نمائندن ۽ ٻين طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر ??يد ظهور احمد آغا، صوبائي وزير سردار صاله ڀوتاڻي، محمد خان لهري، مبين خان خلجي، ظهور احمد بليدي، صوبائي محتسب نذر محمد بلوچ، ايم ڊي بلوچستان ايجوڪيشن فائونڊيشن پروفيسر شير زمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڳالهين ذريعي ئي عوامي مسئلن جو بهتر حل ڳولي سگهجي ٿو اڄ جي ويهڪ انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. وقت ڏيڻ ۽ گورنر هائوس اچڻ تي قبائلي اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان. عام ماڻهو جي مسئلن جو ادراڪ حڪومت جو فرض آهي. روانگي واپار ۽ آمد??ي واپار ۾ توازن آڻڻو پوندو حڪومت روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عمران خان دنيا جو واحد وزيراعظم آهي جنهن ڪوويڊ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان وسيلن سان ما??امال آهي. بلوچستان ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ اسان کي گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 20 ارب رپين جا آسان قرض ڏنا ويا. پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ري سائيڪلنگ جي ضرورت آهي. اسان کي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي طريقن کان هٽي ڪم ڪرڻو پوندو. هنچ يو ته سوئي گئس ما?? پوري ملڪ فائدو کنيو پر بلوچستان وڌيڪ فائدو نه کڻي سگهيو اسان کي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ جديد طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ وڏي سبسڊيز ڏيندي آهي. وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سيڪيورٽي هوندي آهي تڏهن ئي سيڙپڪاري ايندي آهي. هن چيو ته وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻو آهي. نوجوانن کي نوڪرين جي لاءِ ڪامياب جوان اسڪيم بهتر پروگرام آهي جنهن ما?? فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گذريل سال ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي 20 ارب رپين جا ننڍا قرض ڏنا ويا. بلوچستان جي بارڊر تي قانو??ي واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ واپارين جي تجويزن بابت واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن آڏو معاملو رکندس. بلوچستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وڏا موقعا موجود آهن جنهن ما?? فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. بعد ۾ قبائلي اڳواڻن پارا?? صدر کي بلوچستان جي روايتي پڳ پارائي وئي. قبائلي اڳواڻن ۽ واپاري?? صدر کي صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي قبائلي اڳواڻن، ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن، سول سوسائٽي جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
بلوچستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان وڏي اهميت رکندڙ صوبو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ