اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ??اءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي سامهون ر??ند?? موثر قدم کڻڻا پوندا. هن اها ڳالهه آبي سفارتڪاري ??ي حوالي سان ماهرن جي ورڪنگ گروپ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه، پاڻي ??عاملن جي ماهرن شرمين طارق، توانائي، پاڻي ۽ پائيداري پروگرام جي ريسرچ اينالسٽ فروا عامر ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ورڪنگ گروپ جو اجلاس آبي سفارتڪاري ??ابت چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ??اءِ موثر لائحه عمل جوڙڻ جي حوالي سان غور ويچار لاءِ منعقد ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن، زرعي ملڪ هجڻ جي ناطي اسان جي زرعي معيشت لاءِ پاڻي ??سيلن جي دستيابي انتهائي اهميت واري ??هي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ??اءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي نظر ۾ ر??ند?? موثر قدم کڻڻا پوندا.
پرڏيهي وزير جي صدارت ۾ آبي سفارتڪاري جي حوالي سان ماهرن جي ورڪنگ گروپ جو پهريون اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز