لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي سڀني طبقن کي معذور ماڻهن کي قوم?? ڌارا ۾ شامل ڪ??ڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪ??ڻو پوندو. اها ڳالهه هن معذورن جي بحالي واري اداري جي دوري جي موقعي تي چئي. اداري جي سربراهه ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن ۽ هاءِ اسڪول جي شاگردن خاتون اول جي آجيان ڪئي. صدر جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي پي ايس آر ڊي هاءِ اسڪول، آر??وپ??ڊڪ اسپتال، او پي ڊي سميت ٻين ڊپارٽمينٽس جو دورو ڪيو. هن معذور ماڻهن ??ي بحالي ۾ اداري جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته هي ادارو 1957ع کان خصوصي ماڻهن ??ي ڀلائي لاءِ ڪم ڪ??ي رهيو آهي. ان مشن جي شروعات هڪ ڪمري ۾ ٿي هئي پر هاڻي هي جسماني عضون ۽ مسئلن جي حل لاءِ سڀ کان جامع ادارو بڻجي اڀريو آهي. بيگم ثمينه علوي چيو ته معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي معذور ماڻهن کي قوم?? ڌارا ۾ شامل ڪ??ڻ جي لاءِ ڪم ڪ??ڻو پوندو ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن.
معاشري جي سڀني طبقن کي معذور ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: خاتون اول ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ