اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف سمُورا قيمتي غيرملڪي تحفا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي تحفا مستقل طور تي وزيرا??ظم هائوس ۾ رکيا وڃن ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي، ان مقصد جي لاءِ وزيرا??ظم هائوس ۾ جڳهه رکي وڃي. سرڪاري ذريعن موجب وزيرا??ظم شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مثال ۽ وزيرا??ظم هائوس ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وزيرا??ظم کي ملندڙ غيرملڪي تحفا مستقل طور تي وزيرا??ظم هائوس ۾ رکيا وڃن. وزيرا??ظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته غيرملڪي تحفا عوام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي. وزيرا??ظم شهباز شريف جي هدايت تي وزيرا??ظم هائوس ۾ جڳهه رکي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب وزيرا??ظم ٻاهرئين ملڪ کان ملندڙ تحفا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيرا??ظم کي ا??ي قيمتي تحفا نار ملڪن جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل ٻه قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙيءَ جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب نار رياستن پاران وزيرا??ظم شهباز شريف کي اڳوڻي وزيرا??ظم عمران خان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا تحفا ڏنا ويا جڏهن ته وزيرا??ظم گهڙيون، قيمتي قلم، مُنڊي، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو سميت سمورا وڏي قيمت وارا تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور پنهنجي 10 سالا دور ۾ ملندڙ سمورا غيرملڪي تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائيندو رهيو آهي.
وزيراعظم پاران قيمتي غيرملڪي تحفا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم، تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا ويندا
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری