اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ??يو آهي ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ان ??س ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ??ري رهيو آهي، عالمي حدت عالمگير مسئلو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو ??ان به گهٽ آهي، پاڪستان هن وقت تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان ??ذري رهيو آهي جتي ان جي انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. بين الپارلياماني يونين ۽ قومي اسيمبلي جي حصيداري سان پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽن جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪندي شيري رحمان ??يو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ معمول کان ??يترائي ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون، رڳو سنڌ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ستوڻ تي برساتون ٿيون، اها ئي صورتحال ملڪن جي باقي علائقن جي به آهي. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير چيو ته تازي ٻوڏ سان وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون، لکين گهر ۽ بيٺل فصل تباهه ٿيا، 200 ??ان وڌيڪ پل ۽ سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، ريلوي، انٽرنيٽ جو نظام متاثر ٿيو، پاڪستان ۾ گرمي جي موسم ۾ شديد هيٽ ويوز کي پڻ منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته برساتون به معمول ??ان وڌيڪ ٿي رهيون آهن، اه?? سڀ موسمياتي تبديلين جي ڪري آهي. هن چيو ته پاڪستان ??رپاسي وڏا گليشيئرز موجود آهن جڏهن ته دنيا جو وڏو درياءَ ۽ نهري نظام به هتي موجود آهي، هن وقت پاڪستان ۾ ايندڙ بدترين ٻوڏ سان سنڌ جو وڏو علائقو متاثر ٿيو آهي، بين الپارلياماني يونين ۾ شامل ڪيترن ئي ملڪن کي به اهڙيون موسمياتي تبديلي??ن درپيش آهن. وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو ??ان به گهٽ آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ان جي تصديق به ڪئي، جيڪي ملڪ دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو وڏو سبب بڻيل آهن اه?? ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو واعدو پورو نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هزاريه ترقياتي هدف اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جي ڪرن آهي.
دنيا ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa