اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي، غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙڪاري جي لاءِ سموريون سهولت??ن فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن مصر جي ناليواري ڪاروباري شخصيت نجيب ساويرس جي قيادت هيٺ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نجيب ساويرس ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪار دوست پاليسيز تي عمل ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪارن کي سموري??ن فراهم ڪندي. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن سان ٻاهريون سيڙپڪار ڪمپني??ن فائدو کڻي سگهن ٿيون. نجيب ساويرس چيو ته انهن جو بزنس گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ ڪامياب سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. هن پاڪستان ۾ وڌيڪ شعبن ۾ خاص طور تي کاڻي??ن کوٽڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ