اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عالمي سطح تي پيادل سفر ڪندڙ پاڪستاني شهري کرل زاده ڪسرت راءِ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي ڳالهائين??ي چيو ته ٻين سماجي موضوعن خاص طور تي بريسٽ ڪينسر، پوليو ۽ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به پيادل سفر ڪري ??گا??ي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيادل سفر ڪرڻ ذريعي پاڪستان جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ تي کرل زاده ڪسرت راءِ کي ساراهيو. کرل زاده ڪسرت راءِ پيادل سفر ۾ ??هو??تن جي لاءِ ح??ومتي تعاون جي درخواست ڪن??ي چيو ته 29 ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهيان، پيادل سفر ڪري مختلف سماجي مسئلن تي ??گا??ي پيدا ڪندو آهيان. امن، انساني حقن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جهڙن مضمونن تي پيادل سفر ڪيو. هن چيو ته سماجي مضمونن تي ??گا??ي لاءِ هيستائين 16 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ پيادل سفر ڪيو آهي.
صدر سان عالمي سطح تي پيادل سفر ڪندڙ پاڪستاني شهري کرل زاده ڪسرت راءِ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم