اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي جي تفصيل سان ڀيٽ پيش ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع کان وٺي 2018ع تائين جي مدي ۾ آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ڪرڻ کانسواءِ معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻايو ۽ دانشمند??ڻي?? پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت دنيا جي 24 هين ??ڏي معيشت بڻجي وئي ??ڏه?? ته گذريل ساڍن چئن سالن ۾ ناقص ڪارڪردگي جي ڪري 47 هين ??مبر تي پهچي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مجموعي قومي پيداوار کي 2013ع ۾ 3.9 سيڪڙو مان وڌائي 2018ع ۾ 6.1 سيڪڙو تائين ??هچائي ڇڏيو. انهي مدي ۾ مجموعي طور تي جي ڊي پي ۾ ٻه س??ڪڙو جو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي شروعاتي ٻن سالن ۾ جي ڊي پي جي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي ۽ آخري سال ۾ بيس (base) سال کي تبديل ڪري جي ڊي پي کي 6 سيڪڙو ڏيکاريو ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بلحاظ ڳ??ڻي??و جي ڊي پي ۾ 97.9 سيڪڙو جي واڌي ٿي ??ڏه?? ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 18.7 سيڪڙو جي واڌ ڏيکاري وئي آهي، هن چيو ته 2013ع ۾ في ڪس آمدني 1446 ڊالر هئي جيڪا 2018ع ۾ 1768 ڊالر ٿي وئي، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٻه س??ڪڙو جي گهٽتائي آئي، 2018ع ۾ صارفين ??اءِ قيمتن جو اهڃاڻ 4 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 12.2 سيڪڙو تي پهچي ويو، 2018ع ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي شرح 3.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 13.4 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي. 2018ع ۾ بنيادي ناڻي واڌ 5.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 8.1 سيڪڙو ٿي وئي، 2018ع ۾ امپورٽ جو ڳ??ڻي??و 55.7 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 71.5 ارب ڊالر ٿي ويو، جي ڊي پي جي شرح سان امپورٽ جو ڳ??ڻي??و 2018ع ۾ 15.6 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 19 سيڪڙو تائين ??هچي ويو. 2018ع ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳ??ڻي??و 16.4 ارب ڊالر هو جيڪو مالي سال 2022ع ۾ 15.5 ارب ڊالر هو. قرضن جو ڳ??ڻي??و 2018ع ۾ 24953 ارب هو جيڪو 2022ع ۾ 49242 ارب روپيا ٿي ويو، پرڏيهي قرضن جو ڳ??ڻي??و 2018ع ۾ 70.2 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 88.8 ارب ڊالر ٿي ويو.
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار طرفان قومي اقتصادي سروي جاري ڪرڻ جي موقعي تي پي ٽي آءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪاردگي جي ڀيٽ جو جائزو
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2