پيرس – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ برازيل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۽ گڏي?? دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ وزيراعظم شهباز شريف سان برازيل جي صدر لوئيز اناسيو لُولا ڊي سلوا جي ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دفاع سميت ٻين معاملن ۾ برازيل ??ي تعاون کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي فورمن تي برازيل ۽ پاڪستان ??ي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برازيل جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏي?? دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ برازيل ??ي تجربن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، زراعت جي شعبي ۾ برازيل جي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. برازيل جي صدر وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خ??اهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ برازيل پاران ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي نئين امڪانن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج