اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تاجڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، تاجڪستان پاڪستان جو سڀ کان ويجهو ۽ وچ ايشيائي پاڙيسري ملڪ آهي، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا وسيع امڪان آهن. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن الوداعي ملاقات ڪئي هئي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلامو فوبيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي اسلامي دنيا ۾ تعاون لازمي آهي، جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌندو. ??در واپار، توانائي ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان غزه جي عوام جي ڏک ۾ دل جي گهراين سان شريڪ آهي، غزه ۾ اسرائيلي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن، غزه مان دردناڪ منظر سامهون اچڻ جي باوجود عالمي برادري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. ??در عهدو ڇڏين??ڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل تي مبارڪباد ڏني. ??در پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيو.
پاڪستان تاجڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا