ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان دبئي ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين جي گڏيل عرب امارات ۽ پا??ستان جي پروفيشنلز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات، پا??ستان ٽيڪنالاجي تعاون جي موضوع تي رائونڊ ٽيبل سيشن ۾ شرڪت ڪئي. ان تقريب جو انعقاد پا??ستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن ۽ پا??ستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي تعاون ۽ ابوظهبي ۾ پا??ستاني سفارتخاني جي معاونت سان ڪيو ويو هو. ان تقريب ۾ يو اي اي ۾ ??ائ?? آءِ ٽي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن کانسواءِ پا??ستاني آءِ ٽي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالها??ين??ي وزيراعظم پا??ستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو حوالو ڏنو. هن پا??ستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ مضبوط اداراجاتي ۽ عوامي سطح جي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ جدت ۽ خوشحالي جي لا??ِ هڪ جهڙو عزم رکندڙ آهن. وزيراعظم ان موقعي تي پا??ستان ۽ گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ پروفيشنلز کي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لا??ِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي لا??ِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پا??ستاني آءِ ٽي انٽرپرائيزز ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اهو رائونڊ ٽيبل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ وڌيڪ تعاون جي لا??ِ هڪ منفرد سيشن هو. ان سيشن جو بنيادي مقصد گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين کي پا??ستاني ڪمپنين سان مضبوط لاڳاپن، انهن جي ڪامياب ڪهاڻين جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ مستقبل جي حصيداري جي لا??ِ هڪ جڳهه گڏ ڪرڻ هو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي ۽ مختلف تجويزن ۽ سوالن جا جواب ڏنا. هن ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لا??ِ سندس حڪومت جي عزم کان پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو جڏهن ته سيڙپڪارن کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم جي موجودگي ۾ پا??ستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن تي عملدرآمد جي حوالي سان ٽن مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي اماراتي ڪمپنين ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا ويا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان دبئي ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين جي پروفيشنلز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : راکی