ڪوئيٽا – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي مڪاني کاتي جو وزير ۽ چيف سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. فيملي ذريعن مطابق سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي 10 ڏينهن کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، هو ڦڦڙن ۽ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو. سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي جي ڀاءُ هربيار ڊومڪي جو چوڻ آهي ته سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو مڙهه ڪراچي کان لهڙي منتقل ڪيو پ??و وڃي، سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي تدفين لهڙي جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيندي. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو واسطو پ??پلزپارٽي سان هو جيڪو پ?? بي 8 سب?? تان ڪامياب ٿيو هو. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي مختلف دور ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو ح??و رهيو آهي ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي سميت ٻين کاتن جو صوبائي وزير رهيو هو. اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سردار چاڪر خان ڊومڪي جي 2007 ۾ و??ات بعد سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي کي ڊومڪي قبيلي جو سردار چونڊيو ويو هو.
بلوچستان جو صوبائي وزير سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا