اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي، ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي شديد مذمت ڪري ٿو، شهري آبادين تي اسرائيل جي بي لگام حملن ?? عالمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري پڌرائي ۾ چيو آهي، ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان اسرائيلي فوج لبنان جي خودمختياري جي نا??ابل قبول ڀڃڪڙي، شهري آبادي جي مرڪزن کي مسلسل نشانو بنائڻ، ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان اسرائيل جي جارحيت سبب متاثرن جي خ??ند??نن ۽ لبنان ج?? عوام سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو هن چيو ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل کي قتل ڪرڻ جو گذريل ڏينهن اسرائيل جو غير محتاط عمل پهرين کان ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان ج?? عوام سان يڪجهتي ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اسرائيل کي خطي ۾ ان مهم جوئي ?? عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.
پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي مذمت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے